195

نيب نواز شريف جي سموري ملڪيت نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ) نيب اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي سموري ملڪيت کي نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيوآهي، ان حوالي سان احتساب عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ويندي، رپورٽ موجب نيب عدالت طرفان اشتهاري قرار ڏنل اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ ان جي ڪفالت هيٺ  ماڻهن جي نالي ملڪ ۾ موجود سموري ملڪيت نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ان حوالي سان نيب طرفان احتساب عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ويندي، نيب جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سيڪيورٽي۽ ايڪسچينج ڪميشن پاڪستان (ايس اي سي پي) جي مطابق نواز شريف جا 4 ڪمپنين ۾ شيئرز آهن، هن جي محمد بخش ٽيڪسٽائل  ملز ۾ 4 لکهه 67 هزار 950 ۽ حديبيه پيپر ملز ۾ 3 لکهه 43 هزار 425 شيئرز آهن، ان کان سواءِ نواز شريف حديبيه انجينئرنگ ڪمپني ۾ 22 هزار 213 ۽ اتفاق ٽيڪسٽائل ملز ۾ 48 هزار 606 شيئرز جو مالڪ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو