208

ذميواري نڀائڻ ۾حڪومت جي ناڪامي سبب عوام ۽ رياست خطري ۾آهن: بلاول ڀٽو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي  ته ذميواري نڀائڻ ۾حڪومت جي ناڪامي سبب عوام ۽ رياست خطري ۾آهن. تاريخ شاهد آ ته تشدد وڌيڪ تشدد کي جنم ڏيندو آهي. اسلام آباد مان جاري ڪيل  بيان ۾ بلاول ڀٽو لاهور سميت ملڪ ۾ ٿيندڙ تشدد جي مذمت ڪئي، واقعن ۾ پوليس ۽ شهرين جون جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته تازا تشدد جا وقعا حڪومت طرفان صورتحال کي پرامن طور منهن ڏيڻ ۾ ناڪامي سبب ٿيا، انساني رت وهائڻ ۽ تشدد تي اڀڙڪائڻ سان  ڪڏهن به صورتحال کي بهتر نٿو ڪري سگهي، تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته تشدد وڌيڪ تشدد کي جنم ڏيندو آهي. سندس چوڻ هو ته هن سليڪٽڊ حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڇو نه ڪيو؟ هيءَ سليڪٽڊ حڪومت ملڪ جي چئلينجن کي پارليامينٽ ۾ بحث هيٺ ڇو نه کڻي آئي؟ اصل جنگ ته خراب صورتحال جي سببن خلاف آهي. هن وڌيڪ چيو ته سمورن معاملن کي نبيرڻ لاءِ تشدد بدران آئيني واٽ ئي ورتي وڃي، قانون جي عملداري قائم رهڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو