149

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران جعلي ڊوميسائل تي نوڪرين خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جعلي ڊوميسائل تي نوڪرين خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي، ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار الحسن جي درخواست منظور ڪئي وئي، جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، خواجا اظهار درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڪراچي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جا ڊوميسائيل نٿا ٺاهيا وڃن، جڏهن ته 2 هزار ۾جعلي ڊوميسائل ٺهن پيا،اصل نٿا ٺاهي ڏنا وڃن. عدالت درخواست 3 مئي تائين ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو