ٺٽو (ويب ڊيسڪ) ٻوھارا ٿاڻي جي حد ۾ نافرمان پٽ ڏنڊا ھڻي پنھنجي پيءِ کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس لاش تحويل ۾ وٺي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ٺٽي ڀرسان ٻوھارا جي ڳوٺ موسيٰ ميربحر ۾ نافرمان پٽ براد ميربحر پنهنجي سڳي پيءُ ڇڇر ميربحر کي ڏنڊا ھڻي موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس لاش تحويل ۾ وٺي شيخ زيد اسپتال ميرپور ساڪرو پھچايو ۽ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ان حوالي سان ٻهارا پوليس ٻڌايو ته واقعو گھرو اڻبڻت ۽ عدم برداشت سبب پيش آيو آهي، اسان جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. وارث ايندا ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.
166