تنگواڻي (ويب ڊيسڪ) تنگواڻي ويجھو درگاھ معصوم شاھ ۾ گزيل رات جو دير سان ڀوپي پاران 16سالن جي ناري کي جن ڄاڻائي مبينا تشدد ڪيو، جنهن سبب ناري فوت ٿي وئي آهي. تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد درگاھ معصوم شاھ ۾ وارثن پاران 16سالن جي معصوم ناري شفانه ڌيءَ مير حسن لاشاري کي جن ڪڍرائڻ لاءِ گذريل رات جو دير سان درگاھ تي آندو، جتي ڀوپي پاران ناري کي جن ڄاڻايو ويو، جن ڪڍڻ جي لاءِ ناري مٿان مبينا تشدد ڪري کيس اڌ مئو ڪري ڇڏيو، نتيجي ۾ ناري فوت ٿي وئي. واقعي بعد ڀوپو درگاھ تان وجهھ وٺي فرار ٿي ويو. جڏهن ته وارث ناري جو لاش اسپتال آڻڻ بدران ڳوٺ کڻائي ويا. هوڏانهن پوليس به نااهلي جي حد ڪندي واقعي کان بي خبر رهي، جڏهن ته ڀوپي خلاف ڪابه قانوني ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي. هتان جي ساڃاهه وندن ايس ايس پي امجد شيخ کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڀوپي خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري کيس ڦاهي تائين پهچايو وڃي ته جيئن ڪئين عورتن جون زندگيون بچي سگهن.
![](https://dailysobh.com/wp-content/uploads/2021/04/news-1595610668-3922-800x320.jpg)