147

فرانس جي سفير کي ملڪ مان ڪڍڻ لاءِ ٺهراءُ قومي اسيمبلي ۾ پيش، سخت جملن جي ڏي وٺ ۽ منهن ماري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ٿيل ڳالهين کان پوءِ فرانس جي سفير کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ جي مطالبي تي بحث ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو آهي. اڱاري ڏينهن اهو  ٺهراءُ اسيمبلي ميمبر امجد علي خان پرائيويٽ ميمبر طور پيش ڪيو. ان ٺهراءُ  ۾ چيو ويو آهي ته فرانس جي رسالي ۾ اڳ به 2015ع ۾ گستاخي تي ٻڌل خاڪو شايع ڪيو ويو، هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي سطح تي مذهبي هم آهنگي ۽ امن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هي ايوان تڪراري فرانس جي رسالي چارلي هيبڊو ۾ توهين ڪندڙ خاڪن جي اشاعت جي مذمت ڪري ٿو، خاڪا شايع ڪرڻ تي سڄي دنيا جي مسلمانن ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پيو وڃي. ٺهراءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته فرانس جي سفير کي ملڪ مان ڪڍڻ بابت پارليامينٽ جي راءِ گهربل آهي ته فرانس جي سفير کي ڇو نه ملڪ مان نيڪالي ڏني وڃي ان معاملي تي بحث ڪيو وڃي. ٺهراءَ ۾ مذهبي معاملن تي احتجاج لاءِ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪي هنڌ مقرر جي به تجويز پيش ڪندي چيو ويو ته روڊن بند ڪرڻ بدران احتجاج لاءِ خاص هنڌ مقرر ڪيا وڃن. ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته سمورن ملڪن سان توهين واري معاملي تي ڳالهايو وڃي، سمورن يورپي ملڪن ۽  خاص طور تي فرانس کي خاص معاملي جي سنگيني کان آگاهه ڪيو وڃي. پارلياماني معاملن واري وزير علي محمد خان معاملي تي پارليامينٽ جي ڪميٽي ٺاهڻ  جي رٿ به پيش ڪئي. ايوان خاص ڪميٽي ٺاهڻ واري رٿ منظور ڪئي وئي. جڏهن ته ان رٿ تي مخالف ڌر سخت احتجاج ڪيو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي مذهبي معاملن بابت وفاقي وزير نور الحق قادري ن ليگ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اسان ڏٺيون آهن توهان جون ختم نبوت جون دعوائون، جڏهن چونڊ قانونن ۾ ختم نبوت کي بلڊوز ڪيو پئي ويو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي نور الحق قادري چيو ته ماڊل ٽائون جو منظر به اسان ڏٺو آهي، هڪ جماعت جا ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، ڪيترين ئي سياسي ۽ مذهبي جماعتن انهن جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته تجويز ڪيل ٺهراءَ ۾ هڪ حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي، اسان جو طريقو تي اختلاف ٿي سگهي ٿو پر مقصد ۽ منزل تي ڪو اختلاف نه آهي. هن چيو ته پاڻ سڳورن صه سان عمران خان جو جيڪو تعلق آهي، اهو نه ڪنهن پير جو آهي ۽ نه ڪنهن مولوي هو، ان تعلق کي ڪير چئلينج نٿو ڪري سگهي. ن ليگ جي اڳواڻ احسن اقبال چيو ته اڄ پارليامينٽ ۾ ناموس رسالت جهڙي حساس معاملي تي ڳالهه ٿي رهي آهي ۽ وزيراعظم غير حاضر آهي، سندس غير حاضري قبولڻ جوڳي نه آهي. هن چيو ته مان ڄاڻان ٿو رياست جو ان معاملي تي ڪهڙو موقف آهي، حڪومت ان ٺهراءَ تي سڀني کي اعتماد ۾ وٺي، توهان ان معاملي تي سياست ڪري رهيا آهيو، اسپيڪر اجلاس ملتوي ڪري ۽ حڪومت کي چئي ته اپوزيشن سان گڏ ويهي. حڪومت ۽ ٽي ايل پي ۾ ٿيل معاهدي جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا وڃن. ٻي پاسي  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ٽويٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سڄي خرابي وزيراعظم جي پيدا ڪيل آهي، ان کي پاڻ ئي ٺيڪ ڪري نه ته گهر وڃي. بلاول ڀٽو چيو ته تحريڪ لبيڪ ۽ حڪومت وچ ۾ معاهدي کي پارليامينٽ ۾ نه آندو ويو، حڪومت روڊن تي ايڪشن وٺي ڇڏيو، پوءِ ٽي ايل پي تي پابندي هڻي ڇڏي. هن چيو ته پرتشدد مظاهرن ۾ 500 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، انٽرنيٽ بند ڪئي وئي، وزيراعظم پارليامينٽ کي اعتماد ۾ نه ورتو، هاڻ تحريڪ انصاف پارليامينٽ پويان لڪڻ چاهي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو