اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن بابت وفاقي وزير نور الحق قادري ن ليگ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اسان ڏٺيون آهن توهان جون ختم نبوت جون دعوائون، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي نور الحق قادري چيو ته ماڊل ٽائون جو منظر به اسان ڏٺو آهي، هڪ جماعت جا ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، ڪيترين ئي سياسي ۽ مذهبي جماعتن انهن جو ساٿ ڏنو، هن چيو ته تجويز ڪيل ٺهراءَ ۾ هڪ هاڪاري طريقي ڪار ۽ حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي، اسان جو طريقي ڪار تي اختلاف ٿي سگهي ٿو پر مقصد ۽ منزل تي ڪو اختلاف ناهي.
221