228

سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز کان زال جي ملڪيتن بابت ٽن سوالن جا جواب گهري ورتا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان ٽن سوالن جا جواب گهري ورتا آهن. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 10 رڪني فل ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ صدارتي ريفرنس نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري سرينا عيسيٰ دليل ڏنا ته گذريل ٻن ورهين دوران هزارين ڀيرا مري چڪي آهيان، وڌيڪ ڏکيائين ۾ نه وڌو وڃي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ دليل ڏنا ته ايف بي آر شهزاد اڪبر ۽ جنرل عاصم سليم باجوه جي ملڪيت آهي، عدالت تي حملو ٿئي ته جذباتي ٿيندو آهيان. 12 مئي جي واقعي تي جاچ ٿئي ها ته ته اڄ ذميوار دبئي ۾ نه هجي ها. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته توهان جو چوڻ آهي ته گهر واريءَ جي ملڪيتن سان توهان جو ڪو تعلق نه آهي، توهان چيو هو ته گهرواري جي ملڪيتن جو ان کان پڇيو، پاڻ کي آزاد ڪرڻ گهرو ٿا ته ٽن سوالن جا جواب ڏيو. صاف چئو ته لنڊن وارين ملڪيتن ۾ توهان جو پيسو شامل نه آهي، توهان کي ٻڌائڻو پوندو ته اڪائونٽ مان ٿيل خرچ جو توهان سان ڪو واسطو نه آهي، ثابت ڪرڻو پوندو ته رقم منتقل ڪرڻ واري اڪائونٽ سان توهان جو ڪو تعلق نه آهي.جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته توهان مون کي اڳ ئي بري ڪري چڪا آهيو، مون عدالت نه حڪومت جي خلاف ڳالهه ڪئي آهي.جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته حڪومت خلاف ڪجهه چوڻو آهي ته ٻاهر وڃي چئي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته عدالت کان معذرت خواهه آهيان. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته معذرت ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، اسان جي هڪ ملاقات به ٿي هئي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ٻاهر جون ڳالهيون نه ڪريو ماڻهو غلط سمجهندا. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته توهان جذباتي ٿيندا آهيو پر آئون هن وقت تائين خاموش آهيان، جيڪو پڇيو ويندو ان جو سڀاڻي سوچي جواب ڏيندس. سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي ساڍي 9 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو