نئون ديرو (ويب ڊيسڪ) نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ شيران پور جروار ۾ نامعلوم چورن پيرسن ڀاڳي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب نئون ديرو ڀرسان ڳڙھي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد ڳوٺ شيران پور جروار ۾ نامعلوم چور وڏيري محمد علي جروار جي گهر جي ڀَتِ کي کاٽ هڻي مينهون چوري ڪري رهيا هيا ته گهر ڌڻي سجاڳ ٿي پيا مزاحمت تي چورن گهر ڌڻي وڏيري محمد علي جروار کي گوليون هڻي موقعي تي ئي قتل ڪري ڇڏيو ۽ آساني سان فرار ٿي ويا، جڏهن ته اطلاع تي ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ٿاڻي جي پوليس پهچي لاش نئون ديرو رورل هيلٿ سينٽر آڻي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول محمد علي جروار شھدادڪوٽ ڀرسان ڳوٺ گل محمد جروار جو رهواسي آھي، هتي پنهنجي زمين ۾ گهر اڏي زمين جي سار سنڀال لاءِ ترسيل هو جڏهن ته مقتول محمد علي جروار جو لاش ڳوٺ گل محمد جروار نيو ويو جتي آخري رسمون ادا ڪيون وينديون، ٻئي طرف کوجي ڪتن ۽ پيرين جي مدد سان چورن جا پيرا ڳوٺ شيران پور کان ڳوٺ ڪوريجا ۾ اڪبر ڪوريجو جي هوٽل تي کڻائي آيا ، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.
197