218

آفريڪي ملڪ چاڊ ۾ 30 سالن کان اقتدار تي ويٺل صدر باغينن سان ويڙهه ۾ مارجي ويو

نجامينا (ويب ڊيسڪ) آفريقي ملڪ چاڊ ۾ 30 ورهين کان اقتدار ۾ رهندڙ صدر باغين سان ويڙهه دوران مارجي ويو، چاڊ جو صدر ادريس ڊيبي ڪائونٽي ڪناري باغين سان فرنٽ لائن ۾ وڙهندي مارجي ويو، چاڊ جي فوج طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته 68 ورهين جو صدر باغين سان ويڙهه دوران سخت زخمي ٿيو هو، ادريس ڊيبي جي پٽ 37 ورهين جي فور اسٽار جنرل محمد ادريس کي ملٽري ڪائونسل جو سربراهه بڻايو ويو آهي، صدر جي مارجڻ کانپوءِ فوج پارليامينٽ کي ٽوڙي 18 مهينن ۾ چونڊن جو به اعلان ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو