148

ڊي جي ايف آءِ اي کي عدالتي حڪم مڃڻو آهي يا صدارتي آرڊر: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته ڊي جي ايف آءِ اي پاڻ فيصلو ڪري ته عدالتي حڪم مڃڻو آهي يا صدارتي آرڊر، ڊي جي ايف آءِ اي کي صدر جي خدمت ڪرڻي آهي ته وڃي ڪري، سپريم ڪورٽ ۾ ايف آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جي وڪيل چيو ته عدالتي حڪم تي اسان رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، چيف جسٽس چيو ته رپورٽ تي هاڻي ڊي جي ايف آءِ اي جي صحيح ڪرائينداسين جنهن کان پوءِ عدالتي حڪم تي ڊي جي ايف آءِ اي واجد ضيا رپورٽ تي صحيح ڪري ڇڏي، چيف جسٽس گلزار احمد ڊي جي ايف آءِ اي واجد ضيا کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ڊي جي ايف آءِ اي فيصلو ڪري عدالتي حڪم مڃڻو آهي يا صدارتي آرڊر، ڊي جي ايف آءِ اي کي صدر جي خدمت ڪرڻي آهي ته وڃي ڪري، چيف جسٽس چيو ته قانون جي خدمت ڪرڻي آهي ته پوءِ عدالتي فيصلي تي عملدرآمد ڪرايو، وڪيل صاحب ڊي جي ايف آءِ اي سان گڏ ويهي سمورن فيصلن کي ٻيهر ڏسي، ڊي جي صاحب فيصلي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڏسي پوءِ رپورٽ ڏيڻي آهي ته ڏئي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪري، عدالت ايف آءِ اي جي 1990ع ۾ ڀرتي ڪيل 60 انسپڪٽرز بابت عملدرآمد رپورٽ رد ڪندي ايف آءِ اي کي هفتي ۾ نئين عملدرآمد رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو