ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ تعليمي بورڊز کي گرانٽ نه ملي، ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن ۾ دير جو خدشو، سنڌ حڪومت پاران تعليمي بورڊز کي گرانٽ جاري نه ڪرڻ سبب ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن ۾ دير جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، سنڌ حڪومت ڏانهن ميٽرڪ بورڊ ڪراچي جي 28 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي گرانٽ ۽ انٽرميڊيئٽ بورڊ ڪراچي جي 97 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ گرانٽ رهيل ، جڏهن ته حڪومت کي ٻن سالن جي مد ۾ حيدرآباد بورڊ کي 65 ڪروڙ، سکر بورڊ کي 61 ڪروڙ، لاڙڪاڻي بورڊ کي 46 ڪروڙ ۽ ميرپورخاص بورڊ کي 38 ڪروڙ رپيا گرانٽ ڏيڻي آهي، حيدرآباد ۽ سکر سميت ٻين شهرن جي تعليمي بورڊز جي چيئرمينن به گرانٽ لاءِ سنڌ حڪومت کي خط لکي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صوبائي حڪومت کي تعليمي بورڊز کي 3 ارب رپين کان وڌيڪ جي گرانٽ ڏيڻي آهي، سنڌ حڪومت بورڊز جي گرانٽ ادا نه ڪري رهي آهي جنهن ڪري تعليمي بورڊ وٽ ملازمن جي پگهار ادا ڪرڻ جي به رقم ناهي، حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا خط لکي چڪا آهيون پر ڪو به جواب ناهي مليو، ادائگيون نه ٿيڻ سبب استاد بورڊ سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.
232