270

ورڪ لوڊ جو ڪو مسئلو ناهي، نھ ئي آرام جي ضرورت آھي: شاهين آفريدي

هراري (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي چيو آهي ته مون سان ورڪ لوڊ جو ڪو مسئلو ناهي ۽ نه ئي آرام جي خاص ضرورت آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ويڊيو انٽرويو ۾ شاهين آفريدي چيو ته فزيو ۽ ٽرينر منهنجي ورڪ لوڊ کي ڏسي رهيا آهن، مان پنهنجي ڪرڪيٽ انجواءِ ڪري رهيو آهيان، پي ايس ايل کانپوءِ ريسٽ ملي هئي، سٺي ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهيان هن چيو ته اسان جو بالنگ اٽيڪ نوجوانن تي ٻڌل آهي، جن جي ڪارڪردگي ۾ مسلسل بهتري اچي رهي آهي، پنهنجي غلطين مان سکڻ جي ڪوشش ڪندي زمبابوي خلاف به سٺي راند کيڏنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو