سجاول جوڻيجو (ويب ڊيسڪ) سجاول جوڻيجو ڀرسان ڳوٺ ڇٽو مستوئي جي رهواسي نياز مستوئي کي ڳوٺ مٺو مستوئي وٽ جوابدار سراج مستوئي پسٽل جون گوليون هڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويو ، هوڏانهن زخمي کي سجاول جوڻيجو ٿاڻي آندو ويو جتان علاج لاء ليٽر وٺي لاڙڪاڻو اماڻيو ويو ، هوڏانهن پوليس رابطي تي ٻڌايو ته ڌرين جو پلاٽ ۽ پئسن جي ڏيتي ليتي تان مسئلو هلندڙ هو جنهن تان جوابدار سراج مستوئي نياز حسين مستوئي کي گوليون ھڻي زخمي ڪري وڌو آهي واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪريون ٿا.
221