268

خيرپور ڀرسان وين سامهون ايندڙ ڪوچ سان ٽڪرائجي وئي، پيءُ ۽ ڌيءُ سميت 12 مسافر فوت، 25 زخمي

خيرپور/ڪوٽڏيجي (ويب ڊيسڪ) خيرپور ڀرسان خوفناڪ حادثو، وين سامهون ايندڙ ڪوچ سان ٽڪرائجي وئي، پيءُ ۽ ڌيءُ سميت 12 فوت، 25 زخمي، ان سلسلي ۾ پراڻي قومي شاهراهه تي حسين آباد اسٽاپ ڀرسان ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب نوابشاهه کان سکر ويندڙ وين جو ٽائر نڪري ويو ۽ اها سامهون ايندڙ سکر کان سانگهڙ ويندڙ ڪوچ سان ٽڪرائجي ڪلٽيون کائي ڪري پئي، حادثي سبب منهڙي واسي غلام حسين پٽ علي حيدر جمالي، سندس 4 ورهين جي نياڻي نينا، ڊکڻ واسي الهڏنو عرف ڏنل پٽ بدل شاهه، سيد نازل پٽ چيزل شاهه، ڪنب واسي داد محمد عرف دودو خان پٽ جادم راڄڙ، علي شير شيخ، تنگواڻي واسي نصر الدين بهلڪاڻي، ٺري ميرواهه واسي نوجوان منصور شر، وين ڊرائيور ساجد علي پٽ لياقت جروار، ڪلينر عبدالله پٽ ڪوڙل چانڊيو، نوابشاهه واسي شڪيل احمد سميت 12 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته سڪينا جمالي، سندس 8 ورهين جو پٽ غلام حيدر ۽ 5 ورهين جو  ثناءُ الله، حبدار علي، عبدالستار، ايان علي پٽ رضوان مري، محمد اعظم، ڊاڪٽر عبدالستار وساڻ سميت 25 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، هوڏانهن حادثي سبب ويگن مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي، جڏهن ته ڦاٿل مسافر تڙپندا ۽ دانهون ڪندا رهيا ۽ قيامت صغريٰ جا منظر ڏسڻ ۾ آيا، هوڏانهن حادثي جي اطلاع تي ڊي سي خيرپور احمد علي قريشي، ايس ايس پي امير سعود مگسي، رينجرز جي ڪرنل ملڪ عظيم، اي سي صفدر ميراڻي، اي سي ڪوٽڏيجي عاصم عباسي سميت وڏي انگ ۾ علائقي واسين پهچي بدنصيب وين کي ڪٽي لاش ۽ زخمي ٻاهر ڪڍيا، هوڏانهن خيرپور ۽ ڪوٽڏيجي جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ايمبولينسز ۽ پرائيويٽ گاڏين ۾ لاش ۽ زخمي اسپتالن ۾ پهچايا ويا، جتي وڏي انگ ۾ ماڻهو رت ڏيڻ لاءِ پهتا، جڏهن ته ڪيترن ئي زخمين جي حالت پڻ نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، ٻئي پاسي واپاري اڳواڻ عاشق حسين عباسي، ڊي ايس پي سٽي زاهد ٻرڙو ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پڻ امدادي ڪمن ۾ حصو ورتو. هوڏانه شاهه لطيف فائونڊيشن جي اڳواڻ سيد خاور حسين شاهه لطيفي پڻ واقعي تي ڏک ۽ دلي همدردي ڪندي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو