164

پاڪستان ۽ ايران جو لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق

تهران(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ايران پاران ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي، تهران ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ايراني صدر حسن روحاني سان ملاقات ڪئي، ان دوران ايراني صدر حسن روحاني کي صدر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان جو پيغام پهچايو، ملاقات دوران ٻه طرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ايران سان ٻه طرفن لاڳاپن جي استحڪام لاءِ پرعزم آهيون، جڏهن ته ايراني صدر حسن روحاني واپار ۽ واٽر مئنجيمينٽ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ ورجائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بعد ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ايراني پارليامينٽ جي وزير قاليباف سان ملاقات ڪئي،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو