217

اسپيڪر،شاهد خاقان جي جوتا هڻڻ واري ڳالهه جو نوٽيس ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان جي جوتا هڻڻ واري ڳالهه جو نوٽيس ورتو آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي هدايت تي شاهد خاقان عباسي کي خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته شاهد خاقان عباسي پنهنجي هن ڳالهه تي  7 ڏينهن اندر معذرت ڪري ۽ پنهنجي پوزيشن واضح ڪري، شاهد خاقان جي طرز عمل سان اسيمبلي ڪارروائي آساني سان هلائڻ ۾رڪاوٽ پيدا ٿي آهي ۽ قومي اسيمبلي ڪارروائي ۾ خلل پيدا ٿيو آهي. هن اسپيڪر جي منصب جي مذاق اڏائي، مقرر وقت ۾ جيڪڏهن جواب نه ڏنو ته ڏوهاري تصور ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو