215

وزيراعظم عوام تي رحم کائي، ضد ڇڏي ۽ استعيفا ڏئي گهر هليو وڃي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته  وزيراعظم عوام تي رحم کائي، ضد ڇڏي ۽ استعفا ڏئي گهر هليو وڃي. عمران خان مهانگائي ڪندڙ مافيا جي سرپرستي ڪري عوام دشمني ڪري رهيو آهي، رمضان پيڪيج ڪٿي به نظر نه پيو اچي. جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گيهه، اٽي سميت ٻين ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ پي ٽي آءِ حڪومت جي نااهلي آهي، رمضان ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ رڪارڊ واڌ عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي. هن چيو ته عمران خان جي نگراني جي اعلان کانپوءِ مهانگائي ۾ واڌ ڳڻتي جوڳي آهي، عمران خان جنهن رمضان پيڪيج جو اعلان ڪيو هو، اهو ڪٿي به نظر نه پيو اچي، ڪيترين ئي بچت بازارن ۾ اوپن مارڪيٽ کان وڌيڪ مهانگيون شيون وڪرو ٿي رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته عمران خان ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي مافيائن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ناڻي وارن وزيرن جي تبديلي سان عوام جي تڪليفن ۾ ڪا گهٽتائي نه ايندي، عوام کي رليف تڏهن ملندو، جڏهن مهانگائي جا ذميوار نااهل حڪمران گهر ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو