لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾جسٽس علي باقر جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ مسلم ليگ (ن ) جي نائب صدر شهباز شريف جي ضمانت بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، وڪيل اعظم نذير تارڙ عدالت کي ٻڌايو ته منهنجي وڪالت جي 27سالن ۾ ائين ناهي ٿيو ته ٽن ڏينهن بعد فيصلو تبديل ڪيو وڃي، جنهن تي عدالت چيو ته جيستائين فيصلو نٿا ڏسو،تيستائين پنهنجي سائل کي نه ٻڌايو، جنهن ته وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عدالت ضمانت منظور ڪرڻ بعد فيصلو تبديل ڪيو آهي، جنهن تي جسٽس علي باقر رمارڪس ڏنا ته جيستائين لکت ۾حڪم نٿو اچي،ڪو به اندازو نه لڳائڻ گهرجي،اهو توهان جي لاءِ سبق آهي، شهباز شريف جي ضمانت ٿيندي يا نه؟ڪيس جي حقيقت ڏسي پوءِ فيصلو ڪنداسين، جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
