ڪوٽ لالو (ويب ڊيسڪ) ڪوٽ لالو لڳ زال تي تشدد کان روڪڻ تي جوابدار ڇريون هڻي چاچي کي ماري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ڳوٺ جمعو راڄپر ۾ جوابدار عمران شر پنهنجي پيرسن چاچي مستري گلشير شر کي ڇري سان ذبح ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، هوڏانهن ايمبولينس نه ملڻ سبب زخمي گهڻي دير تائين واقعي واري هنڌ تڙپندو رهيو، ۽ پڊعيدن اسپتال ۾ نيئندي رستي ۾ دم ڏنائين، هوڏانهن ذريعن ٻڌايو ته عمران شر ساهرن مان زال وٺڻ لاءِ آيو ته جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران جوابدار پنهنجي زال تي تشدد ڪيو ته گلشير شر ڇڏائڻ لاءِ پهتو، جوابدار ڇرين جا وار ڪري ڳچي تي ڇري وهائي زخمي ڪري فرار ٿي ويو، هوڏانهن فوتي پيرسن جو لاش فيض گنج اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، آخري اطلاعن ڪيس داخل نه ٿيو هو.
135