118

ڀنڊار ٻيٽ جي معاملي تي سنڌ حڪومت کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، مهاڻن کي قرض ڏينداسين: عمران خان

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀنڊار ٻيٽ جي معاملي تي سنڌ حڪومت کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن ڪامياب جوان پروگرام هيٺ مهاڻن کي بااختيار ڪرڻ جي پروگرام لاءِ سامونڊي معاملن جي وزارت ۽ چئن بئنڪن جي وچ ۾ مهاڻن کي قرض  ڏيارڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته هي پروگرام شروع ڪرڻ تي ٽيم کي واڌايون ڏيان ٿو، مهاڻن جو طبقو ڏکي زندگي گذاريندو آهي، اسان جو نظريو هڪ عام ماڻهو جي زندگي کي بهتر ڪرڻ آهي، ڪامياب جوان پروگرام ذريعي مهاڻن کي قرض ڏينداسين. هن چيو ته شهرن ۾ رٿابندي بنا عمارتون ٺهي رهيون آهن ۽ آبادي وڌي رهي آهي، شهرن ۾ گدلاڻ به وڌي رهي آهي، جيڪڏهن آبادي جي پکيڙ ايئن ئي جاري رهي ته ڏکيائيون وڌي وينديون. گدلاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ نوان ۽ ماڊل شهر ٺاهينداسين. سمنڊ ۾ ويندڙ گند روڪڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت سان گڏجي قدم کنيا ويندا.  هن وڌيڪ چيو ته ڀنڊار ٻيٽ تي سنڌ حڪومت کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ان لاءِ  جديد پلان ٺاهيو آهي، ڪراچي ۾ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايا ويندا. غربت ۾ گهٽتائي منهنجي ڪاميابي هوندي. عمران خان وڌيڪ چيو ته حڪومت جي اصل ڪاميابي اها ٿيندي ته هن پنج سالن ۾ ڪيترن ماڻهن کي غريبيءَ  مان ڪڍيو آهي، مڇي واري شعبي ۾ تمام گهڻي سگهه آهي، سياحت ۽ زراعت جي شعبن ۾ اسان جي اپائن سان عوام جون زندگيون بدلجي وينديون، بئنڪون ننڍن ماڻهن کي قرض ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي اسٽاف کي تربيت ڏين، ان بابت سان شڪايتن کي ختم ڪيو وڃي. عام ماڻهن کي گهر ڏيارڻ لاءِ ماضي ۾ ڪنهن حڪومت نه سوچيو. ڪراچي جي 40 سيڪڙو آبادي ڪچي آبادين ۾ رهندي آهي، گهر ٺاهڻ جي لاءِ انهن وٽ پئسو ناهي هوندو، ان مسئلي کي حل ڪنداسين ۽ غريب ماڻهن کي گهر ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته بئنڪن جو معيشت کي مٿي کڻڻ لاءِ وڏو اهم ڪردار هوندو آهي، هن چيو ته بئنڪن کي ننڍي ڪاروباري طبقي کي قرض ڏيڻ گهرجن. ان سان ڪاروبار کي هٿي ملندي ۽ معيشت مٿي ايندي. وزيراعظم چيو ته عام ماڻهن کي گهرن جي لاءِ قرض ڏيڻ ۽ ڪامياب جوان پروگرام هيٺ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار لاءِ قرض ڏيڻ جي معاملي ۾ شڪايتون ملي رهيون آهن، بئنڪن کي گهرجي ته اهي مسئلا حل ڪن ) ان لاءِ پنهنجي اسٽاف کي سکيا ڏين.   ان کان اڳ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير علي زيدي چيو ته ڪابينا کي ڊيپ سي فشنگ پاليسي تيار ڪري موڪلي ويندي، پاڪستان ۾ ماهيگيري جي شعبي ۾ وڏا موقعا موجود آهن، اڍائي ارب ڊالر جي روانگي واپار جي صلاحيت موجود آهي، هن وقت صرف 40 ڪروڙ ڊالر جو روانگي واپار ٿي رهيو آهي، مهاڻن کي بااختيار ڪرڻ جي پروگرام ۽ بئنڪن جي سهڪار سان هاڻي مهاڻا پنهنجي ٻيڙي جا مالڪ پاڻ ٿيندا، کين 10 لک کان اڍائي ڪروڙ روپين تائين قرض ڏنو ويندو، جنهن سان هو فشنگ جي مشينري، اوزار، انجڻ ۽ آن شور فريزر خريد ڪري سگهندا، هن چيو ته ڊيپ سي فشنگ جو لائسنس هڪ لک روپين ۾ ملندو هو ۽ هڪ ڪروڙ روپين ۾ وڪرو ٿيندو هو، اسان اهو سلسلو روڪي ڇڏيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو