اسلام آباد/ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري، وڌيڪ 98 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، 5800 ڪيس ظاهر، سنڌ ۾ 14 مريض فوت، ان سلسلي ۾ ملڪ ۾ ڪورونا جون تباهيون جاري آهن ۽ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 98 ڄڻا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويا جڏهن ته 5800 کان وڌيڪ ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن، پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جون 57591 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جنهن مان 5857 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب 98 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا وائرس مثبت اچڻ واري شرح 10.6 سيڪڙو رهي، سرڪاري انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 16698 ٿي ويو آهي ۽ گڏيل ڪيس 7 لک 78238 تائين پهچي چڪا آهن جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 84935 آهي، ان کان سواءِ 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3986 مريض ڪورونا مان صحتياب به ٿيا آهن جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي صحتاب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 76605 ٿي ويو آهي، هوڏانهن سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو گڏيل انگ 275081 ٿي ويو آهي جڏهن ته 4562 ڄڻا هن وقت تائين لاڏاڻو ڪري چڪا آهن، ٻئي طرف وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 14 مريض پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا ۽ فوتين جو انگ 4576 تائين پهچي ويو آهي جيڪي فوتين جي شرح جو 1.7 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 12659 نمونن جي جانچ ڪئي وئي جن مان 734 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي موجوده تشخيصي شرح جو 5.7 سيڪڙو آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 3524497 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جنهن جي نتيجي ۾ 275814 ڪيس ظاهر ٿيا آهن جن مان 94.8 سيڪڙو يعني 261542 مريض صحتياب ٿيا آهن حيدرآباد ۾ 136، سکر 32، لاڙڪاڻو 25، شڪارپور 15، ٺٽو ۽ شهيد بينظير آباد 14-14، ميرپورخاص ۽ نوشهروفيروز 13-13، سجاول 11، بدين 10، دادو، گهوٽڪي ۽ سانگهڙ 9-9، ڄامشورو، ڪشمور ۽ ٽنڊوالهيار 8-8، ٽنڊو محمد خان 4، خيرپور 2 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. بيان موجب 734 نون ڪيسن مان 383 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع اوڀر 186، ضلع ڏکڻ 97، ضلع سينٽرل 40، ضلع ڪورنگي 32، ضلع ملير 22 ۽ ضلع اولهه 6 شامل آهن، هوڏانهن وزيراعظم عمران خان اين سي او سي جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، وزيراعظم سان اسد عمر ۽ ڊاڪٽر فيصل سلطان ملاقات ڪئي، کيس ڪورونا صورتحال بابت آگاهي ڏني وئي،اسد عمر چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا صورتحال سٺي نظر نه اچي رهي آهي، پابندين تي عمل نه ٿيو ته وڏا وڏا شهر بند ڪرڻ پوندا.ٻئي طرف سنڌ سرڪار پاران مارڪيٽون بند رکڻ جو شيڊول تبديل ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ جمعي ۽ آچر تي مارڪيٽون بند رهنديون، گذريل هفتي ڇنڇر ۽ آچر تي بازارون بند ڪرڻ جو شيڊيول جاري ڪيو ويو هو، واپارين جي مداخلت سبب حڪومت شيڊول تبديل ڪيو.
117