راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سپهه سالار جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته افغانستان ۾ امن جو مطلب پاڪستان ۾ امن آهي، اسان جو واحد مقصد افغانستان ۾ امن جو قيام، خودمختياري، استحڪام ۽ خوشحال افغانستان آهي، آرمي چيف سان پاڪستان ۾ مقرر افغانستان جي سفير ملاقات ڪئي، ملاقات دوران گڏيل دلچسپي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته افغان سفير افغان عمل لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو.
202