لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته اسلام آباد جي ڪجهه ماڻهن وزيراعظم سان منهنجي ملاقات ڪرائڻ جي پڪ ڏياري آهي. لاهور ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي جهانگير ترين وڌيڪ چيو ته هن وڌيڪ چيو ته عمران خان سان پراڻو واسطو آهي، جيڪو ڪمزور نه ٿيڻ گهرجي، مون ۽ عمران خان گڏيل جدوجهد ڪئي آهي، منهنجي طرفان ساٿين کي افطار جي دعوت ڏني وئي هئي، ان کان هڪ ڏينهن اڳ اسلام آباد مان ڪجهه ماڻهن رابطو ڪيو ۽ خاطري ڪرائي آهي ته توهان جي گروپ جي ڪجهه ڏينهن ۾ وزيراعظم سان ملاقات ٿيندي. ڪو شيئر هولڊر منهنجي خلاف فريادي نه آهي، سڀ مون مان خوش آهن، منهنجي خلاف ڪيس فوجداري نه آهي، اهو ڪيس ايف آءِ اي جو نه آهي، اهي ايس اي سي پي ۽ ايف بي آر جا ڪيس آهن، عدالت مان انصاف ضرور ملندو. هن چيو عمران خان سان گڏ بيٺس ته ن ليگ منهنجي ڪاروبار جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري نوٽيس موڪليا پر ن ليگ به سول ڪيسن کي فوجداري ڪيس نه ڪيو، حڪومتي ڪميٽين جي خبر ٽي وي تي ڏٺي پر اسان ڪنهن سان رابطو نه ڪيو، مون چيو حڪومتي ڪميٽين سان رابطو نه ڪنداسين. ان کان اڳ لاهور جي سيشن عدالت ڪارپوريٽ فراڊ ۽ مني لانڊرنگ جي الزام ۾ داخل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين ۽ سندس پٽ علي ترين جي ڪچي ضمانت ۾ 3 مئي تائين واڌ ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي جانچ آفيسر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ايڊيشنل سيشن جج حامد حسين مني لانڊرنگ جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. خميس تي عدالتي ٻڌڻي تي جهانگير ترين ۽ سندس پٽ علي ترين پنهنجي وڪيلن سان گڏ پيش ٿيا ۽ پنهنجي حاضري مڪمل ڪرائي. ٻڌڻي دوران جهانگير ترين جي وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار جانچ ۾ شامل ٿي چڪا آهن، ظاهري طور لڳي رهيو آهي ته ايف آءِ اي ٻيهر طلب ڪندي، عدالت جانچ آفيسر کي هدايت ڪئي ته هر جوابدار جو ڪردار ٻڌايو وڃي ۽ جانچ صاف شفاف ٿيڻ گهرجي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ايف آءِ اي کان جهانگير ترين جي اڪائونٽن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.
127