118

لاهور هاءِ ڪورٽ اثاثا ڪيس ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي ضمانت منظور ڪري ورتي

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ڪمائي کان وڌيڪ ملڪيتن واري ڪيس ۾ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي ضمانت منظور ڪري ورتي. جسٽس باقر نجفي جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٽڻ ڄڻن واري بينچ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست منظور ڪئي. عدالت شهباز شريف کي 50-50 لک رپين جا ٻه مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ شهباز شريف جي ضمانت واري ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اسجد جاويد گهرايل جي اختلافي نوٽ جي تي چيف جسٽس قاسم خان فل بينچ جوڙي ڇڏي هئي. ٻي پاسي مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز  ٽويٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته  شهباز شريف کي جيترا ڀيرا به گرفتار ڪيو ويو ان جو ڏوهه رڳو نواز شريف سان وفا جو نڪتو. مريم نواز  وڌيڪ چيو ته ناانصافي جو ٻڌي ڪٿي به پهچي ويندڙ کي نيٺ ته انصاف ملي ويو. مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو ته شهباز شريف جو مقابلو ڪرڻو آهي ته خدمت ۾ ڪريو، ڪوڙن ڪيسن جي ذريعي خدمت جا نشان ڊاهي نه ٿا سگهجن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو