194

شاهد خاقان پاران قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کان معافي وٺڻ کان انڪار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) شاهد خاقان پاران قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کان معافي وٺڻ کان انڪار، اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ناموس رسالت تي ڳالهائڻ نه ٿو ڏئي، مان صرف الله تعاليٰ جي ذات کان معافي ٿو وٺان، ان کان علاوه ڪنهن کان معافي نه گهرندس، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته وزيرن جي فوج ۽ انهن جون نوڪريون روز بدلجن ٿيون، اڄ معيشت ۽ خارجا پاليسي زوال جو شڪار آهي، ملڪ ۾ اڄ مهانگائي عروج تي آهي، پاڪستان جو عوام شناختي ڪارڊ  هٿ ۾ کڻي هڪ ڪلو کنڊ خريد ڪرڻ لاءِ لائينن ۾ لڳل آهي، کنڊ اسڪينڊل ۾ پنجاب جي وزيرن جو ڪهڙو ڏوهه آهي، اصل ذميوار وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا آهي، نيب جو ڪيس ٺاهيو ۽ وزيراعظم سميت وزيرن کي جيل ۾ وڌو وڃي،  وزيراعظم ۽ ڪابينا کي به ڏيڍ سال جيل ۾ وڌو وڃي پوءِ خبر پوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو