اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ڪوئٽا ۾ هڪ ڏينهن اڳ ٿيل حملو آپگهاتي هو ۽ حملو ڪندڙ دهشتگرد پنهنجي گاڏي ۾ ئي ويٺل رهيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد احمد ٻڌايو ته حملي لاءِ 60 کان 80 ڪلو گرام تائين بارودي مواد استعمال ڪيو ويو، حملي ۾ 5 ڄڻا شهيد ٿي ويا، چيف سيڪريٽري کي جانچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هي پاڪستان دشمنن جي ڪارروائي آهي جنهن کي پاڪستان جي ترقي نه ٿي وڻي، هن حملي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته گوادر ۽ بلوچستان پاڪستان جو مستقبل آهن ۽ چين پاڪستان جو آزمايل دوست آهي، اسان جي دوستي هماليه کان به بلند آهي، هي حملو پاڪستان جي امن کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش آهي. شيخ رشيد چيو ته گهرو وزارت 22 ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ڪوئٽا مان ايف سي کي ڪڍڻ گهريو ٿي پر هاڻ ايئن نه ٿيندو، ايف سي کي ڪوئٽا مان نه ڪڍنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي اندران ئي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، چين جو سفير ڪيترن ئي ڏينهن کان بلوچستان ۾ آهي، هو محفوظ آهي ۽ هن اڄ به اسٽاف ڪاليج کي خطاب ڪيو آهي. ٻئي طرف ڪوئيٽا ۾ گذريل ڏينهن ٿيل ڌماڪي جي حوالي سان چين جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي، پاڪستان ۾ موجود چيني سفارتخاني پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪوئيٽا ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ۽ حملي ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيون ٿا، چيني سفير ڌماڪي واري ڏينهن ڪوئيٽا ۾ وفد جي قيادت ڪري رهيو هو، سفارتخاني جو چوڻ هو ته جڏهن ڌماڪو ٿيو ته ان وقت چيني وفد هوٽل ۾ موجود نه هيو.
143