ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي بلاول ڪالوني ۾ سنڌي پورهيتن جي گهرن مٿان حملي ۽ تشدد بعد جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي اڳواڻن وائيس چيئرمين ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ، انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام ۽ الاهي بخش بيڪڪ سان گڏ ڪراچي بلاول ڪالوني پهچي ويو، هزارين سنڌين جسقم چيئرمين جو استقبال ڪيو، جسقم چيئرمين جهيڙي ۾ زخمي ٿيل پرويز جاگيراڻي جي گهر پهچي سندس عيادت ڪئي ۽ واقعي جا تفصيل ورتا. جنهن بعد بلاول ڪالوني جي المريضيٰ چوڪ تي هزارين ماڻهن کي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي جا وارث آهيون، سنڌي پاڻ کي نڌڻڪو نه سمجهن، ڪراچي ۾ صنعتڪار هٿ وٺي ڌارين کي مضبوط ڪري رهيو آهي، جنهن سبب فيڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ سنڌي پورهيتن سان جهيڙا ۽ مسئلا ٿي رهيا آهن، ڪورنگي جي ڊرينم ڪلاٿ ڪارخاني ۾ ٿيل سنڌي پورهيتن سان جهيڙي بعد وري بلاول ڪالوني ۾ ڌارين جي ڪاھ کي کليل دهشتگردي سمجهون ٿا، ڊرينم ڪلاٿ جو مالڪ حنيف مڇيرو ۽ جي ايم طارق سنڌي پورهيتن کي تنگ ڪري فيڪٽري مان بيدخل ڪري رهيا آهن، اي ايم ڪمپني گروپ جو مالڪ يعقوب ميمڻ ۽ مرتضيٰ ميمڻ سميت ڪيترائي صنعتڪار ڪراچي مان سنڌين کي روزگار مان ڪڍي بيدخلي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جنهن عمل جي مذمت ٿا ڪيون، هن چيو ته سنڌ سرڪار کي گهرجي ته ڪراچي ۾ صنعتڪارن کي پابند بڻائي جيئن سنڌي ماڻهن کي روزگار سان گڏ سڀ بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن، ڪراچي ۾ سنڌين کي لاوارث نٿو ڇڏي سگهجي، سنڌين جي هر معاذ تي مالڪي ڪئي ويندي، هن خطاب ۾ چيو ته اسان کي پنهنجي ڌرتي تي ماريو وڃي ٿو، تنهن ڪري سنڌ خاطر سڀئي ويڇا وساري اسان کي هڪ ٿيڻو پوندو، سڀني کي ٻڌائڻو پوندو ته سنڌ سنڌين جي، سنڌ هڪ ملڪ آهي، جنهن جي هر صورت ۾ مالڪي ڪنداسين. جلسي کي مرڪزي اڳواڻ ديدار شام، ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ خطاب ڪندي چيو ته شهيد بشير خان قريشي جيان ڪراچي ۾ هر سنڌي ماڻهو جي مالڪي ڪنداسين، جڏهن ته مشتاق سرڪي ۽ سنڌ سجاڳي فورم جا اڳواڻ به قافلن جي صورت ۾ بلاول ڪالوني پهتا ۽ واقعي جي مذمت ڪندي سنڌي پورهيتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو يو. ٻئي طرف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه بلال ڪالوني ڪورنگي ڪراچيءَ ۾ شرپسندن هٿان دھشت ڦهلائڻ ۽ سنڌي مزدورن تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ سيد جلال محمود شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ جي امن کي تباھ ڪرڻ لاءِ گهڻ طرفيون سازشون ٿي رهيون آهن ته جيئن سنڌ کي هڪ دفعو ٻيهر بيروزگاري کانپوءِ بدامني جي ور چاڙهي سنڌ کي تباھ ڪيو وڃي.بلال ڪالوني ڪورنگي ڪراچيءَ ۾ مزدورن تي حملي کانپوءِ جتي لساني فساد لاءِ ڪجھ گروھ سرگرم ٿي ويا آھن اتي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مقامي قيادت ۽ ٻين سياسي جماعتن جي اڳواڻن انهيءَ باھ کي وسائڻ جي لاءِ جوڳا قدم کنيا آهن، جيڪو ساراھ جوڳو عمل آهي. پر اسان محسوس ڪري رهيا آهيون ته ويجھي ماضيءَ ۾ سنڌ اندر مذهبي انتهاپسندي ذريعي يا سنڌ جي تاريخي ماڳن جي تذليل ڪري ۽ هاڻي وري مزدورن تي حملي کانپوءِ لساني فساد ڪرائڻ ۾ ڪي ڳجھا هٿ ملوث آهن، جيڪي سنڌ اندر بدامني ۽ تضاد اڀاري پنهنجا ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا.
