202

خانپور ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان زال قتل

خانپور (ويب ڊيسڪ) خانپور جي ڪچي ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان زال قتل، لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفن، ان سلسلي ۾ ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي حد ڪوش ڳوٺ ۾ ميرو ڪوش پنهنجي زال 30 ورهين جي هدايت خاتون کي ويجهي مائٽ سان ڪارنهن الزام ڏئي گوليون هڻي قتل ڪيو، الزام هيٺ آيل شخص موقعي تان فرار ٿي ويو، هوڏانهن جوابدارن عورت جو لاش به نامعلوم هنڌ تي دفنائي ڇڏيو آهي، ذريعن ٻڌايو ته ميرو پنهنجي زال کي ويجهي مائٽ سان گڏ ڏسي پسٽل جا فائر ڪيا، گوليون عورت کي لڳيون ۽ موقعي تي مري وئي، جڏهن ته الزام هيٺ آيل شخص فرار ٿي ويو، هوڏانهن ڪوٽ شاهو پوليس واقعي کان بيخبر بڻيل آهي، رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته اسان کي ڪا به ڄاڻ نه آهي، نه ئي اهڙي خبر ملي آهي، جاچ ڪريون ٿا، لڳي ٿو ته اسان جي ٿاڻي جي حد ۾ واقعو ناهي ٿيو، ٻئي ڪنهن ٿاڻي جي حد ۾ ٿيو هوندو. پوليس قتل جي تصديق کان به انڪار ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو