127

نيب پاران نور محمد جادماڻي، اسلم عقيلي، صديق ڪلهوڙو، اعجاز دراني ۽ ٻين خلاف جاچ جي منظوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊاڪٽر صديق ڪلهوڙو، اسلم عقيلي، نور محمد جادماڻي، اعجاز دراني ۽ ٻين خلاف جاچ جي منظوري، ان سلسلي ۾ نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب جي ايگزيڪيٽو بورڊ جو  اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊپٽي چيئرمين نيب، پراسيڪيوٽر جنرل اڪائونٽبلٽي نيب ۽ ڊي جي نيب آپريشن ڊويزن سميت ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا، اجلاس ۾  4 ريفنرسز سميت 12 انڪوائرين جي منظوري ڏني وئي، سنڌ جي ٻن وڏين يونيورسٽيز جا وي سي به نيب جي ريڊار تي اچي ويا، نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ سنڌ يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر صديق ڪلهوڙو ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر اسلم عقيلي خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين نور محمد جادماڻي، ڪميشن جي ميمبر اعجاز علي دُراني, گل محمد جکراڻي ۽ ٻين خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني وئي آهي، نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ اڳوڻي سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن غلام مصطفيٰ ڦل خلاف ريفرنس ۽ جاچ جي منظوري ڏني وئي، اسٽيل ملز جي اڳوڻي چيئرمين معين آفتاب خلاف سپليمينٽري ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري، اڳوڻي ڊائريڪٽر اسڪول ڪراچي عبدالوهاب عباسي، اڳوڻي چيف ڪمشنر حيدرآباد محمد علي ساند، ممتاز الرحمان خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني وئي. اڳوڻي ايم ڊي پيپڪو رسول خان محسود خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته ثاقب سومرو ۽ ٻين خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظُوري ڏني وئي، ان موقعي تي نيب چيئرمين چيو ته نيب ۽ پاڪستان ته گڏ هلي سگهن ٿا پر نيب ۽ ڪرپشن گڏ نه ٿا هلي سگهن، هن چيوته وڏين مڇين خلاف اربين رپين جي بدعنوانين جا ڪيس عدالتن ۾ داخل ڪيا آهن، ملڪ مان بدعنواني جو خاتمو ۽ بدعنوان عنصرن کان لٽيل رقم واپسي اولين ترجيح آهي، جسٽس (ر) جاويد اقبال جو چوڻ هو ته نيب بزنس ڪميونڙي کي ملڪ جي ترقي جي لاءِ خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، هن چيو ته نيب ڪنهن به دٻاءَ ۽ ڌمڪي جي پرواهه ڪرڻ بغير آئين ۽ قانون موجب ڪم جاري رکندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو