127

مهانگائي جي ڪري ڏوهن جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي: پشاور هاءِ ڪورٽ

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ رمارڪس ڏنا آهن ته مهانگائي جي ڪري ڏوهن جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي، پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ اضافي بابت ڪيس جي ٻڌڻي، ٿي جنهن دوران وفاقي سيڪريٽري خوراڪ، صوبائي مشير، ڊي سي ۽ ايڊووڪي جنرل سميت لاڳاپيل عملدار پيش ٿيا، عدالت رماڪس ڏنا ته سيڪريٽري صاحب کاڌي پيتي جون شيون عوام جي پهچ کان پري ٿي رهيون آهن مهانگي سبب عوام ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، گوشت جي قيمت ۾ به اضافو ٿي ويو آهي، ان لاءِ ڪهڙا قدم کڻي رهيا آهيون، جنهن تي سيڪريٽري جواب ڏنو ته پولٽري ۽ گوشت جي پيداوار ۾ کوٽ سبب قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس قيصر رشيد خان چيو ته پيداوار ۾ گهٽيائي ٿي آهي ته توهان برآمدات کي گهٽ ڪري ڇڏيو ته جيئڻ ملڪ جون ضرورتون پوريون ٿي سگهن، هن وقت جيڪي قيمتون آهن اهي مڊل ڪلاس جي پهچ کان پري آهن، غريبن کي ته ڇڏيو اهي خريد ئي نه ٿا ڪري سگهن، ڪابينا ميٽنگ ۾ خبر ناهي توهان ڇا ڊسڪس ڪندا آهيو، منافعي خورن خلاف سخت ڪارروائي ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو