193

ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ فوج طلب، هاڻي سختي سان عمل ڪنداسين : وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڪورونا جي ڪيسن ۾ تيزيءَ سان ٿيندڙ واڌ کي نظر ۾ رکندي پوري ملڪ ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ فوج کان مدد گهري ورتي آهي، جڏهن ته ڪورونا جي شرح ۾ واڌ وارن شهرن ۾ هاڻي سمورا  اسڪول ۽ ڪاليج پڻ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڪجهه نيون پابنديون پڻ لڳايون ويون آهن.  اهڙو فيصلو  ڪورونا بابر قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. ڪورونا جي معاملي تي قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ  قوم کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو  ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ  لاءِ فوج کي مدد جو چيو آهي. ڪورونا جي ٽين لهر سڄي دنيا کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان جي پاڙيسري ملڪن جون حالتون خراب آهن، اُتي اسپتالن جي ۽ آڪسيجن جي گهٽتائي جي ڪري ماڻهو پيا مرن، پاڪستان ۾ به عوام احتياط نه پيو ڪري، جنهن ڪري  ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ به اُهي ئي حالتون ٿي سگهن ٿيون جيڪي هن وقت ڀارت ۾ آهن. وزير اعظم وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان گذريل سال اسپتالن تي ڌيان نه ڏيون ها ته شايد اڄ اسان پاڪستان ۾ بهتر حالتون نه ڏسي رهيا هجون ها، ڪورونا ايس او پيز تي سخت سان عمل جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ڀارت جهڙيون حالتون ٿي ويون ته مجبور ٿي لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو، مون کي گهڻن ئي ماڻهن مشورو ڏنو آهي ته ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو وڃي پر مون کي احساس آهي ته لاڪ ڊائون سبب سڀ کان وڌيڪ غريب طبقو پيڙهجي ٿو. عمران خان چيو ته گذريل سال پاڪستان ۾ گهڻو احتياط ڪيو ويو پر افسوس سان هن ڀيري ڪو شخص اين سي او سي طرفان ڏنل هدايتن تي عمل نه پيو ڪري، آئون هر هر چئي رهيو آهيان ته ايئن نه ٿئي جو مجبور ٿي سڀ ڪجهه بند ڪرڻو پوي، حڪومت هاڻ ڪورونا ايس او پيز تي عمل لاءِ سختي ڪندي ۽ هن ڀيري اسان پوليس ۽ رينجرز کان سواءِ فوج کي به چيو آهي ته هو روڊن تي اچي ۽ عوام کي ايس او پيز تي عمل ڪرائي. ٻي پاسي  رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن ۽ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي سربراهه اسد عمر ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته موجوده صورتحال ۾ شهرن جي لاڪ ڊائون جو امڪان نظر اچي رهيو آهي، ان لاءِ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي هدايتون ڏنيون ويون آهن ته هو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ صوبن سان گڏجي منصوبو جوڙين ۽ ماڻهن کي ڏکيائين کان بچائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. جن شهرن ۾ ڪورونا جي ڪيسن جي شرح وڌيڪ آهي اتي نائين کان ٻارهين جماعت جي شاگردن لاءِ اسڪول عيد تائين بند رهندا. هن چيو ته بازارن جو وقت شام جو 6 وڳي تائين رهندو، ان کان پوءِ صرف انتهائي ضروري شين واري ڪاروبار جي اجازت هوندي، جن جي فهرست جاري ڪئي ويندي. هن چيو آهي ته ان ڊور ڊائننگ تي اڳ ۾ ئي پابندي لڳل هئي ۽ هاڻ عيد تائين آئوٽ ڊور ڊائننگ پڻ بند ڪئي وئي آهي، جڏهن ته کاتي پيتي جون شيون خريد ڪرڻ يا گهرن ۾ گهرائڻ جي اجازت هوندي. اسد عمر چيو ته آفيسن جو وقت 2 وڳي تائين ڪيو ويو آهي، گهر مان ڪم ڪار لاءِ 50 سيڪڙو حاضري تي زور ڏنو ويو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن بيماري وڌي ٿي ته لاڪ ڊائون ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ پرڏيهه مان ماڻهن جو اچڻ گهٽايو ويندو. ملڪ ۾ آڪسيجن سپلاءِ 90 سيڪڙو جاري آهي، 75 کان 80 سيڪڙو صحت جي شعبي ۾ استعمال ٿي رهي آهي، جڏهن ته پرڏيهه مان پڻ گُهرائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو