92

ڪورونا سبب قومي اسيمبلي جو مقرر ڪيل اجلاس ملتوي،ايوان کي هڪ هفتي لاءِ بند ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)ڪورونا وائرس سبب پارليامينٽ هائوس کي هڪ هفتي لاءِ بند ڪرڻ جي تجويز  ڏني وئي آهي، رپورٽن مطابق سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جو هر حصو ڪورونا کان متاثر ٿيو آهي، جنهن سبب پارليامينٽ جي ٻن هفتن واري اجلاس کي اڄوڪي ڏينهن هي ملتوي ڪيو ويو آهي، جنهن کي غير معاينه مدت لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي، رپورٽ موجب ٻڌايو ويو آهي ته  هينئر تائين پارليامينٽ هائوس جا 200 کان وڌيڪ ملازم ڪورونا ۾ متاثر ٿيا آهن، اين آءِ ايڇ چيئرمين سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي خطرناڪ صورتحال کان آگاهه ڪري ڇڏيو  آهي ۽ پارليامينٽ هائوس کي هڪ هفتي لاءِ بند ڪرڻ جي تجويز  ڪئي آهي، رپورٽ  مطابق پارليامينٽ هائوس جا 15 ملازم ۽ آفيسر ڪورونا سبب فوت ٿي چڪا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو