رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب مان هڪ دلچسپ خبر سامهون آئي آهي، جنهن ۾ ريسٽورنٽ ۾ انسانن بدران روبوٽس ويٽر ڪم ڪرڻ لڳا، سعودي عرب جي شهر جازان جي هڪ ريسٽورنٽ انتظاميا ڪورونا وبا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ لاءِ ويٽر طور 6 روبوٽس مقرر ڪيا آهن، جن جو انتظام هوٽل جو مئنيجر سنڀالي رهيو آهي، ان حوالي سان انتظاميا جو چوڻ هو ته ريسٽورينٽ ۾ ايندڙ گراهڪ به روبوٽس جي سروس مان مطمئن نظر اچن پيا.
139