اسلام آباد / ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوري ملڪ ۾ ڪورونا وگهي ماڻهن جي فوت ۽ متاثر ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب 144 ماڻهو فوت ۽ 5 هزار 870 ماڻهو متاثر ٿيا.جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيل ماڻهن جو انگ 16 هزار 842 ۽ متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 84 هزار 108 تائين پهچي ويو. سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وگهي 11 مريض فوت ۽ 855 ماڻهو متاثر ٿيا. جنهن کان پوءِ سنڌ ۾ فوتين جو انگ 4587 ٿي ويو آهي. جن مان پوري ڪراچيءَ ۾ 410، ضلع حيدرآباد ۾ 94، ضلع مٽياري ۾ 31، گهوٽڪي ۾ 28، سکر ۾ 26، خيرپور ۾16، شڪارپور ۾ 16، نوشهري فيروز ۾ 15، عمرڪوٽ ۾ 15، دادو ۾ 12، شهيد بينظير آباد ۾ 11، سانگهڙ ۾ 10، لاڙڪاڻي ۾و 9، قمبر ۾8، سجاول ۾8، ٽنڊي محمد خان ۾ 7، بدين ۾ 6، ميرپورخاص ۾ ٽنڊوالهيار ۾5، جيڪب آباد ۾3، ڄامشوري ۾2 ۽ ضلع ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ مانهو متاثر ٿيا.
130