150

سنڌ اسيمبليءَ مان 2013ع کان 2017ع تائين ڪانٽريڪٽي استادن کي پڪو ڪرڻ لاءِ بل منظور

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبليءَ ڪانٽريڪٽ وارن استادن کي پڪو ڪرڻ ۽ ٻار ن جي تحفظ بابت بل منظور ڪري ورتا آهن. جمع ڏينهن سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پ پ ايم پي اي پير مجيب  اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾  موڪليل ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل استادن کي پڪو ڪرڻ واري بل جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي ۽ چيو ته  هن بل وسيلي 2013 کان 2017 تائين ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل استادن کي پڪو ڪيو ويندو.  جنهن تي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا بل ايوان مان منظور ڪرايو. ان کان پوءِ  پ پ ايم پي اي پير مجيب اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليل سنڌ ٻار تحفظ اختياري ترميمي بل 2021 جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪندي چيو ته هي ٻارن جي تحفظ لاءِ اهم قانون  آهي، هن بل وسيلي ٻارن جي حفاظت ڪئي ويندي. هن چيو ته هن بل کان پوءِ اٿارٽي گم ٿيل ٻارن بابت ايف آئي آر داخل ڪرائي سگهندي. جنهن تي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ايوان مان بل گڏيل راءِ سان منظور ڪرايو. اجلاس ۾ قائد عوام يونيورسٽي جي ملازمن جي پگهارن، ڪورنگي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ لاڙڪاڻي جي خانگي اسپتال ۾ عورت سان زيادتي بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيا ويا، نصرت سحر عباسي پاران قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه جي ملازمن کي پگهارون نه ملڻ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي جواب ڏيندي پارلياماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته يونيورسٽي جي وي سي موجب مارچ تائين جون پگهارون ڏنيون ويون آهن، ھلندڙ اپريل مهينو هلي پيو ان جي پگهار ڏني ويندي. ڪورنگي ۾ پيئڻ جي  پاڻي جي کوٽ بابت ايم ڪيو ايم  ايم پي اي رابعه خاتون جي ڌيان  ڇڪايو نوٽيس تي جواب ڏيندي پارلياماني سيڪريٽري سليم بلوچ چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ آهي ، ڪي فور رٿا تي به ڪم جاري آهي، لائنن جو مسئلو به آهي، پاڻي زيان ٿئي ٿو هن چيو ته اپريل ۾ پپري پمپنگ تي لائن ٽٽي هئي ان ڪري ڪورنگي کي پاڻي سپلا ۾ ڏکيائون ٿيون پر هاڻي پاڻي سپلاءِ بحال ڪئي وئي آهي، هن چيو ته 6 قانوني طور تي هائيڊرنٽ هلن ٿا، جتان عوام کي پاڻي ڏنو وڃي ٿو ٻين آبادين ۾ ڪو هڪ اڌ غيرقانوني هائيڊرنٽ هلندو هوندو ته ان جي نشاندهي ڪئي وڃي ڪارروائي ڪئي ويندي. لاڙڪاڻي جي خانگي اسپتال ۾ عورت سان جنسي ڏاڍائي واري معاملي بابت ايم ڪيو ايم ايم پي اي رعنا انصار  جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي جواب ڏيندي عورتن جي ڀلائي وزير وزير شهلا رضا چيو ته واقعي جي ايف آئي آر داخل ٿي چڪي آهي، کاتي متاثر عورت سان هر ممڪن سهڪار ڪيو آهي، عورت بيان ڏنو ته هن سان بيهوشي واري وقت ٽن ٽيڪنيشنز زيادتي ڪئي، جن تي الزام هنيو ويو، اهي گرفتار ٿيل آهن، پر سندن ڊي اين اي ميچ نه ٿيو آهي، ڊاڪٽرن جي ضمانت ٿي چڪي آهي، هاڻي مسئلو حل طرف وڃي رهيو آهي. اجلاس ۾ اوقاف،  زڪوات ۽ عشر کاتي جي پارلياماني سيڪريٽري هير سوهو ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته 22  سرڪاري يونيورسٽين  کي اسڪالر شپ فنڊ ڏيندا آهيون، في ٻار کي 36 هزار روپيا ڏيندا آهيون، کاتو 10 ڪروڙ رپيا جاري ڪندو آهي، خانگي يونيورسٽين لاءِ اسڪالرشپ جا فنڊ نه آهن. هن چيو ته جناح ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال ۽ ڪجهه ٻين يونيورسٽين مان اسڪالرشپس جا پئسا واپس ٿيا آهن، ملڪ ۾ دهشتگردي واري لهر کان پوءِ  گهرو کاتي ۽ ضلع انتظاميه پاران اين او سي نه ڏيڻ جي ڪري مدرسن کي فنڊ نه ٿا ڏنا وڃن، ان ڪري مدرسن ۾ حافظ قرآن لاءِ فنڊ جاري ڪيا ويندا آهن، هن چيو ته ڪرن سميت 26 اسپتالن کي زڪوات فنڊ جاري ڪندا آهيون، هڪ کان 5 لک تائين فنڊ ڏيندا آهيون، ان کان سواءِ کاتي پاران 51 فوتي ڪوٽا تحت نوڪريون ڏنيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو