132

ڪورونا ڪيس وڌيا ته مڪمل لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو: ناصر شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ ۽ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڪورونا جا ڪيس وڌي رهيا آهن جيڪڏهن ساڳئي صورتحال رهي ته مڪمل لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو. اها ڳالهه هن سنڌ اسميبلي ۾ ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي. هن چيو ته وزير اعليٰ سنڌ جي صدارت هيٺ اڄ ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ ڪورونا جي صورتحال تي گڻتي جو اظهار ڪيو ويو. هن چيو ته سنڌ حڪومت مختلف ضلعن ۾ ڪورونا ويڪسينيشن مرڪز قائم ڪيا آهن جتان کان رپورٽس ملي رهيون آهن ته ماڻهو ويڪسين لڳرائڻ نٿا اچن. سيد ناصر حسين شاهه عوام کي اپيل ڪئي آهي ته 50 سالن کان وڌيڪ عمر جا شهري  ويڪسين لڳرائين، سنڌ حڪومت  ڪوشش ڪري رهي آهي ته ويڪسين سڀني لاءِ ميسر هجي. هن چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر ۾ ويڪسين موجود ناهي اتان دٻاءُ اچي رهيو آهي ته ويڪسين جي اجازت ڏني وڃي پر پبلڪ سيڪٽر ۾ ويڪسين موجود آهي پر ماڻهو لڳرائڻ نٿا اچن. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي ڪورونا صورتحال تي موقف جي ڪري عام ماڻهو ڪورنا وباء کي سنجيدگي سان نٿا وٺن. هن چيو ته اسپتالن ۾ مريضن جو انگ وڌي رهيو آهي. سنڌ حڪومت پهريان به موثر قدم کنيا هيا سنڌ ۾ ٻين صوبن کان صورتحال بهتر آهي. صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن جي مطابق ڪووڊ تي گهڻو ڪم ڪيو آهي ۽ صحت جي سهولتن کي بهتر ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پي ڊي ايم اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ناهي ملي، پيپلز پارٽي جي اڳواڻن تي جيڪي ڪيسز ٺهيا اهي سڀ ن ليگ جي دور ۾ ٺهيا. پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي ويجهڙائي آئيڊيل حالتن ۾ نه ٿي هئي اسان سڀ وفاقي حڪومت جي ناقص پاليسين جي خلاف گڏ ٿيا هئاسين. اختلاف، تڪرار ۽ گرما گرمي رهندي آهي مان اڄ به پراميد آهيان ته اختلاف ختم ٿيندا ۽ اپوزيشن گڏجي اڳتي وڌندي ۽ هن نااهل حڪومت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي. اين اي 249 تي صوبائي وزير چيو ته اسان ڪووڊ ۽ رمضان المبارڪ کي مدنظر رکندي ننڍي چونڊ بابت اليڪشن ڪميشن کي لکيو هيو هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف پڻ چونڊ ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، 29 اپريل تي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جو اميدوار وڏي اڪثريت سان سوڀ حاصل ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مخالف ڌر سان اجلاس ٿيو آهي انهن کي قائمه ڪميٽين ۾ نمائندگي ڏيڻ جي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي مخالف ڌر سان پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي چيئرمين تي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پيپلز پارٽي جو موقف بلڪل واضح آهي ته نبي ڪريم ﷺ خاتم النيبن جي حرمت ۽ ناموس تي اسان جون جانيون قربان آهن. ان معاملي تي وفاقي حڪومت جي غلط فيصلن جي ڪري ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي. هن چيو ته وزيراعظم قوم کي خطاب ڪيو پر هن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو