سکر (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي ٻين شھرن جيان سکر ۾ به ڪرونا جا وار جاري سکر سول اسپتال ۾ داخل ڪرونا جا ٻه مريض فوت ٿي ويا سکر جي سول اسپتال آئيسوليشن ڪووڊ 19 ۾ داخل جيڪب آباد واسڻ پنجاھ ورهين جي عورت نفيسا زال تاج محمد ۽ سکر واسي 85 ورهين جو غلام هادي ولد عبدالخالق ڪرونا کان جنگ هاري فوت ٿي ويا اسپتال انتضاميه ايڌهي سينٽر سکر جي عملي کي گهرائي ٻنهي لاشن کي حوالي ڪيو جن فوتين سان گڏجي ڪرونا ايس او پيز کي فالو ڪندي هڪ ميت کي جيڪب آباد ۽ ٻي کي سکر جي نئين ڳوٺ ۾دفنائي ڇڏيو
