114

ميان صاحب ڀرسان مسجد مان مبينا چوري ڪندي هڪ ڄڻو سوگهو، مٿو، ڀرون ۽ مڇون ڪوڙي تذليل

ميان صاحب (ويب ڊيسڪ) ميان صاحب ڀرسان مسجد مان مبينا چوري ڪندي هڪ ڄڻو سوگهو، مٿو، ڀرون ۽ مڇون ڪوڙي تذليل، ان سلسلي ۾ ڳوٺ ممتاز بکراڻي جي مسجد مان سولر پليٽ، بيٽري ۽ پکا چورائڻ جي الزام هيٺ ڳوٺاڻن هڪ شخص کي پڪڙيو، سخت تشدد ۽ مارڪٽ بعد ڳوٺاڻن اڌ مٿو، ڀرون ۽ مڇون ڪوڙي نوجوان جي سرعام تذليل ڪئي، مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪيو، هوڏانهن ڳوٺاڻن بالاچ عيساڻي، معشوق عيساڻي ۽ ٻين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته چور مسجد مان چوري ڪري رهيو هو، ڳوٺاڻن کيس پڪڙي تشدد بعد اڌ مٿو، مڇون ۽ ڀرون ڪوڙي پوليس حوالي ڪيو آهي، جڏهن ته نوجوان جي تذليل جي وڊيو سوشل ميڊيا تي پڻ اپلوڊ ڪئي وئي، جنهن تي سخت ردعمل سامهون آيو آهي ۽ ساڃاهه وندن چيو آهي ته نوجوان جي تذليل ڪري غير اخلاقي ۽ غيرقانوني عمل آهي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته ڳوٺاڻن پاران چوري جي الزام هيٺ پڪڙي ڏنل نوجوان جو نالو قاسم لاشاري آهي، جنهن جون مڇون، ڀرون ۽ اڌ مٿو ڪوڙي پوليس حوالي ڪيو ويو، واقعي جو ڪيس داخل ناهي ڪيو، جاچ ڪري رهيا آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو