اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ”اي“ ۽ ”او“ ليول جي شاگردن جي فزيڪل امتحان خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هي ڪهڙا شاگرد آهن جيڪي امتحان ڏيڻ نه ٿا چاهين؟، پاليسي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ عدالت جو ڪم ناهي، هدايت جاري نه ٿا ڪري سگهون، اسان هن وقت تائين اين سي او سي پاليسي فيصلن ۾ مداخلت ناهي ڪئي، توهان چاهيو ٿا ته حڪومت کي اهي وٺڻ کان روڪيون؟ توهان جي پٽيشن ۾ 9 درخواست داخل ڪندڙ آهن، ٿي سگهي ٿو ته باقي هزارين شاگرد فزيڪل امتحان ڏيڻ چاهيندا هجن، هي ڪهڙا شاگرد آهن جيڪي امتحان ڏيڻ نه ٿا چاهين؟.
217