اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ٿيڻ جي معاملي تي اپوزيشن ميمبرن حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو، مسلم ليگ (ن) جي احسن اقبال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسيمبلي ايجنڊا مان تحفظ ناموس رسالت قراردادڪڍي وئي، حڪومت قومي اسيمبلي اجلاس ملتوي ڪري ڀڄڻ جو رستو اختيار ڪيو، قرارداد جي بدران سوالن جي وقفي جو موقعو ڏئي جذبن سان کيڏيو ويو. جڏهن ته جي يو آءِ جي ميمبر مولانا اسعد محمود چيو ته حڪومت پرڏيهي ميڊيا آڏو چيو ته هي خانگي ميمبرن جي قرارداد آهي، وزيراعظم دنيا کي دوکو ڏئي رهيو آهي يا قوم کي دوکو ڏئي پيو. جڏهن ته پيپلزپارٽي جي ميمبر راجه پرويز اشرف چيو ته پتو پوي ته ٽي ايل پي سان ٿيل معاهدي کي اڳ عمل ڇو نه ٿيو، اسيمبلي ۾ اهو ٻڌائڻ گهرجي ها.
