174

جيڪڏهن هڪ هفتي ۾ صورتحال بهتر نه ٿيندي ته مڪمل لاڪ ڊائون بابت سوچڻو پوندو: فواد چوڌري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير اطلاعات فواد چوڌري جو چوڻ هو ته اگر هڪ هفتي اندر صورتحال بهتر نه ٿيا ته مڪمل لاڪ ڊائون جو سوچڻو پوندو، گورنر هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ ڪورونا تباهي مچائي ڇڏي آهي، وزير اعظم ۽ پرڏيهي وزير ڀارتي عوام جي لاءِ نيڪ تمنائون جو اظهار ڪيو آهي، دعا آهي ته ڀارتي عوام کي هن تڪليف کان نجات ملي، هن چيو ته پاڪستان ۾ آڪسيجن 90 سيڪڙو زير استعمال آهي، آڪسيجن گهرائي به ڇڏيو پوءِ به سسٽم ۾ وڌيڪ سپلائي نٿي ٿي سگهي،  ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسيز گهٽ ٿيڻ سبب سپلاءِ لائن بحال آهي، هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا سبب فوتگين ۾ واڌ ٿي رهي آهي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي لاءِ فوج کي به طلب ڪيو آهي، ايس او پيز تي 21 سيڪڙو  آبادي عمل ڪري رهي آهي، 77 سيڪڙو ڪورونا شهري علائقن مان پکڙجيو، وفاقي وزير ٻڌايو ته خيبرپختونخواهه ۾ پريشان ڪندڙ صورتحال آهي جتي شرح   40 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري چيو ته مريم نواز ڪراچي جو دورو ملتوي ڪيو جيڪا سٺي اڳڀرائي آهي، اليڪشن ڪميشن کي به ڪورونا جي صورتحال ۾ اليڪشن ايس او پيز ٺاهڻ گهرجي، هن چيو ته ڀارت ۾ به ڪورونا جي پکيڙ جو وڏو سبب مودي جي چونڊ مهم آهي، فواد چوڌري چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ڪورونا جي لهر هن هفتي هيٺ اچي، مڪمل لاڪ ڊائون جي وزيراعظم عمران خان مخالفت ڪئي آهي، پر هڪ هفتي ۾ معاملا صحيح نه ٿيا ته مڪمل لاڪ ڊائون جو سوچڻو پوندو، هن چيو ته تراويح ۽ عيد جي اجتماعن کي ايس او پيز ۾ رکڻ اهم هوندو، هن معاملي ۾ عالم اسان جي رهنمائي ڪن، صحت ڪارڊ جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير چيو ته سنڌ ۾ به صحت ڪارڊ آڻڻ چاهيون ٿا، پر بدقسمتي سان سنڌ حڪومت صحت ڪاڊ ۾ پنهنجو حصو ناهي ورتو، صحافين جي لاءِ خصوصي پيڪيج جي تحت صحت ڪارڊ آڻي رهيا آهيون سمورن صحافين کي وزيراعظم هائوسنگ اسڪيم ۾ شامل ڪنداسين، پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ بابت سوال تي فواد چوڌري چيو ته رياست ڪالعدم تنظيم وارن معاملن تي پنهنجي رٽ تي سمجهوتو نه ڪيو، اپوزيشن هن معاملي سياست نه ڪري، وڌيڪ رنجشون پاڪستان جي لاءِ سٺي ڳالهه نه آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو