اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز ڪراچي جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو، مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب مريم نواز جي ڪراچي جي دورو ملتوي ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي، مريم اورانگزيب چيو ته عوام جي زندگي جي تحفظ ۽ ڪورونا کان بچاءُ خاطر فيصلو ڪيو ويو آهي، ٻي طرف ذريعن جو چوڻ هو ته مريم نواز ڪورونا صورتحال جي سبب ڪراڇي جو دورو ملتوي ڪيو، ياد رهي ته اڄ شام مريم نواز کي ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچڻو هو، جتي هو اين اي 249 جي ننڍي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ريلي کي خطاب ڪرڻو هو، جڏهن ته آچر جي ڏينهن ان جي پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتون به شيڊول هيون.
213