ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي وي تي نشر ٿيندڙ مشهور ترڪ ڊرامي ارطغرل غازي پاڪستان ۾ هڪ ٻيو رڪارڊ ٽوڙي ورتو آهي، اردو ترجمي سان نشر ٿيندڙ ڊرامي جي پهرين قسط کي هڪ سئو ملين ڀيرا ڏٺو ويو آهي، واضح رهي ته ارطغرل غازي پهريون ڊرامو آهي جنهن کي پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ پذيرائي ملي چڪي آهي.
