130

ڪورونا جي ٽين لهر ڪنٽرول مان نڪري پئي، عمران خان کي ڪورونا فنڊ جو حساب ڏيڻو پوندو : بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو رداري چيو آهي ته عمران خان کي ڪورونا وائرس رليف فنڊ جي هڪ هڪ روپيي جو حساب ڏيڻو پوندو. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو عمران خان کي سمجهڻو پوندو ته ڪورونا وائرس تي ڪنٽرول بنا ملڪ ۾ معاشي سرگرمين کي تيز ڪرڻ ممڪن نه آهي، وزيراعظم ٻڌائي ته ايس او پيز تي عمل لاءِ آندل ٽائيگر فورس ڇو ناڪام ٿي وئي؟ هن چيو ته نااهل، نالائق ۽ سليڪٽڊ حڪومت جي غلط حڪمت عملي سبب وائرس جي ٽين لهر ملڪ ۾ ڪنٽرول مان نڪري رهي آهي، پاڻ عمران خان ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيڻ باوجود قرنطينه ۾ 5 رڪني اجلاس جي سربراهي ڪئي، جنهن ملڪ جو وزيراعظم احتياط نه ڪري ته عوام ڪيئن ايس او پيز جو خيال ڪندو، عمران خان کي ڪورونا وائرس رليف فنڊ جي هڪ هڪ روپيي جو حساب ڏيڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته دنيا ڪورونا ويڪسين لڳائي وبا مان نڪري رهي آهي ۽ بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ ويڪسين نه هجڻ برابر آهي، پاڪستاني حڪومت وقت تي ويڪسين خريد ڪري پئي سگهي پر عمران خان جي ڪوشش مفت امدادي ويڪسين حاصل ڪرڻ هئي، حڪومت جي ويڪسين جي وقت سر خريداري ۾ مڪمل ناڪامي جو نتيجو عوام ڀوڳي رهيو آهي، وقت تي لاڪ ڊائون ڪيو وڃي ها ته ڪورونا جي پکيڙ آساني سان رُڪجي وڃي ها.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو