لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو وڏو گروپ ٻين جماعتن سان رابطي ۾آهي،پي ڊي ايم اڄ به متحد آهي، جاتي عمره رائيونڊ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ماڻهو چوندا هئا،مسلم ليگ (ن) ش بڻجي ويندي،شهباز شريف ۽ حمزه نواز شريف جو ساٿ نه ڇڏيو، شهباز شريف جيڪڏهن ٿوري آمدني ظاهر ڪري ها ته اڄ وزيراعظم هجي ها،ڏاڙ وجهندڙن جي خواهشمندن کي مايوسي ٿي، هن چيو ته اهي ماڻهو هاڻ پنهنجو فڪر ڪن،جڏهن نواز شريف سياسي ميدان ۾هوندو ته سليڪٽيڊ يا سليڪٽرن جي نه هلندي، ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن، سياسي مقصد لاءِ عوام جون زندگيون خطري ۾ نٿا وجهي سگهون، ان ڪري عوام جي زندگي ۽ صحت جي تحفظ لاءِ ڪراچي دورو ملتوي ڪيو،ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي. ان کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي.
136