ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته اسان لاڪ ڊائون ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، جيڪڏهن صورتحال خراب ٿي وئي ته اسان لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪنداسين، هڪ خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته اسان گهڻا فيصلا اين سي او سي هيٺ ڪيا آهن، ڪورونا جي ڪري حالتون خراب ٿيون ته اسان لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪنداسين، هن چيو ته اسان کي لاڪ ڊائون ڪرڻ گهرجي، واپاري برادري ۽ ننڍو ڪاروبار ڪندڙ جو خيال رکيو ويندو، ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي مڪمل ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پر ان تي عمل نه ٿي رهيو آهي. وفاق جو هڪڙو ۽ صوبن جو ٻيو موقف هجڻ ڪري عوام ڪورونا وائرس تي سنجيده نه پيو ٿئي، سياسي بيان به اثر انداز ٿي رهيا آهن، هن چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه شروع ۾ ئي وزيراعظم عمران خان کي چيو هو ته هڪ کان ٻئي صوبي واري ٽرانسپورٽ بند ڪئي وڃي ته جيئن وائرس نه پکڙجي سگهي، پر ان تي به عمل نه ٿي سگهيو. هاڻي ته وزيراعظم پاڻ چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن صورتحال ايئن رهي ته مڪمل لاڪ ڊائون ڪري ڇڏينداسين. پاڪ فوج جي جوانن کي به روڊن تي اچڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته اسان ڪڏهن به وفاق جي فيصلي کي رد نه ڪيو آهي پر جيڪڏهن سنڌ ۾ صورتحال وڌي وئي ته اسان پاڻ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪنداسين.
