اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي ٽين لهر به ٻارن لاءِ به خطرناڪ بڻجي وئي آهي، وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن. خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب هڪ ڏينهن ۾10 سالن تائين جي عمر جا وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، وائرس جي ٽين لهر ۾ فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ 47 تائين پهچي چڪو آهي، هوڏانهن سنڌ ۾10 سالن تائين جا 226 ٻارڙا به عالمي وبا جي ور چڙهي ويا آهن. جن مان ڪجهه جي حالت خراب ٻڌائي پئي وڃي.
