رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ڪورونا وائرس جا ڪيس وڌڻ جي ڪري پاڪستان، ڀارت، انڊونيشيا، سريلنڪا ۽ فلپائن تي سفري پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته يورپي ملڪن مان به اڏامن تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هوڏانهن سعودي شهرين کي وطن واپس اچڻ لاءِ 72 ڪلاڪن جي مهلت ڏني وئي۔ آهي. ڪارگو اڏامون ۽ صحت جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو پابندي کان آجا هوندا.
208