186

بلڙي شاهه ڪريم ڀرسان پوزيشن هولڊر 8هين ڪلاس جو شاگرد اغوا،تشدد بعد قتل

بلڙي شاھ ڪريم(ويب ڊيسڪ) بلڙي شاھ ڪريم ڀرسان راڌوڙي موري لڳ ڳوٺ حاجي عبد الله رند مان اغوا ٿيل گورنمينٽ ڪئمپس ھاءِ اسڪول عبدالرحيم ڪاتيار جو پوزيشن هولڊر ۽ وائيس مانيٽر 8 ھين ڪلاس جي شاگرد  نوجوان بجو ڪمار ولد ڏيوجي ڪولھي جو گھرن ڀرسان ڪاٺوڙ ڍنڍ مان بدترين تشدد بعد ڳچي ۽ ڄنگھن ۾ رسو ٻڌل لاش ھٿ آيو آهي، جوابدار نينگر کي تشدد بعد لاش ڍنڍ ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا، اطلاع تي بلڙي شاهه ڪريم پوليس پھچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پھچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد جزا ليبارٽري منتقل ڪيا ويا آهن، ٻئي پاسي ڊي ايس پي بلڙي شاھ ڪريم سيد مجاھد شاھ ۽ ايس ايڇ او بلڙي شاھ ڪريم واقعي واري ھنڌ پھچي جتي لاش پيل ھو، اتي پھچي معائنو ڪيو ۽ ڳوٺاڻن سميت سندس وارثن کان تفصيل ورتا، ان موقعي تي ڊي ايس پي سيد مجاھد شاھ ۽ ايس ايڇ او قمر الدين راھمون جو چوڻ ھو ته نينگر کي قتل ڪندڙ قانون کان بچي نه سگھندا، اسان جي ڪوشش جاري آهي سمورن رخن کان جاچ ڪئي ويندي، اسان جلد قاتل گرفتار ڪري منظرعام تي آڻي ڪيفر ڪردار تائين پھچايا ويندا. جڏھن ته نينگر جي قتل واري واقعي جي ايس ٽي پي اڳواڻ سليم ميمڻ بچل سٺيو ۽ ٻين سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ايس ايس پي کان قاتلن کي جلد گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏھن ته شاگرد جي قتل واري واقعي جي ھاءِ اسڪول عبدالرحيم ڪاتيار ھاءِ اسڪول بلڙي شاھ ڪريم جي استادن ۽ شاگردن سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ھوڏانھن گرلس اسڪول بلڙي شاھ ڪريم جي استادياڻين مس نادرا ۽ ٻين پڻ شاگرد جي قتل واري واقعي جي مذمت ڪندي اعليٰ آفيسرن کان قاتلن کي فوري گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، آخري اطلاعن تائين نه ڪيس داخل ٿيو ھو ۽ نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي ھئي.بلڙي ٿاڻي تي ڪچي رپورٽ درج ڪئي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته  وارثن جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو قتل واري معاملي جي جاچ جاري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو